اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته قوم ملڪي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي، جن 6 سيپٽمبر 1965ع تي پاڻ چنئوڻ تي وڏي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو، قوم کي تا??يخ جي بدترين ٻوڏ جي صورت ۾ اڄ ٻيهر هڪ ??ڏو چئلينج درپيش آه??، قومي اتحاد ۽ يڪجهتي سان ان جو مقابلو ڪند??سي??. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ قوم دفاع جو ڏهاڙو هڪ اهڙي وقت ۾ ملهائي رهي آه?? جڏهن ملڪ کي بدترين ٻوڏ درپيش آه??. سڄي ملڪ ۾ شهيدن جي قبرن تي گلن جون چادرون چاڙهيون پيون وڃن، انهن جي لاءِ دعائون ڪيون پيون وڃن ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي. دفاع جو ڏهاڙو اسان کي 57 سال اڳ ان ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن اسان جي مڪار دشمن رات جي اونداهي ۾ پاڪستان تي حملو ڪيو پر اسان جي بهادر فوج جي آفيسرن، جوانن 7 سپاهين لااله الاالله جو ورد ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته نه رڳو پوري پاڪستاني قوم پر اسان جون ايندڙ نسلون ۽ اسان جا ٻار انهن شهيدن ۽ غازين کي سدائين ياد رکندا. وزيراعظم چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جو به احساس ڏياري ٿو ته جڏهن قوم هڪ ٿي وڃي ۽ رنگ ۽ نسل ۽ قوميت کان مٿانهون ٿي متحد ٿي وڃي ته پوءِ وڏي کان وڏي مشڪل ۽ چئلينج کي به منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان جا جذبي سان سرشار جوان دشمن جي ناپاڪ ارادن آڏو شيهي جي ديوار بڻجي ويا ۽ فضائين تي ڇائنجي ويا. اسان جي زميني، سامونڊي ۽ هوائي فوج پاڻ کان چنئوڻ تي وڏي فوج کي گوڏا کوڙايا، اڄ ٻيهر پاڪستاني قوم کي هڪ ??ڏو چئلينج درپيش آه??. مهراڻ جي وادين کان وٺي بلوچستان جي سنگلاخ پهاڙن، خيبرپختونخواهه جي برف پوش پهاڙن، ڏکڻ پنجاب جي ميدانن ۽ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين هر جڳهه ٻوڏ ريلن تا??يخ جي بدترين تباهي مچائي آه??. ڪالهه آئون قمبر شهدادڪوٽ ويو هئس جتي هزارين ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي چڪا آه??. هر طرف ڦهليل پاڻي سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيو آه??. لکين گهر تباهه ٿي ويا آه??. 1300 ماڻهو ٻوڏ ۾ فوت ٿي ??ڪا آه?? جن ۾ سوين ٻار به شامل آه?? جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي ۽ لکين جانور ٻوڏ پاڻي ۾ لڙهي ويا آه??، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصلون تباهه ٿي ويون آه??. سنڌ کانپوءِ بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي آه??. سوات، ڏکڻ پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني ٻوڏ جي وڪڙ ۾ آه?? ۽ هر جڳهه تي پاڻي زندگي اجيرن بڻائي ڇڏي آه??. اهڙين حالتن ۾ اڄ ٻيهر قوم انهي جذبي ۽ حوصلي سان سرشار آه?? جنهن جو مظاهرو هن 1965ع ۾ ڪيو هو. پورهيت، آبادگار، شاگرد، مزدور، سنڌي، بلوچي، پنجاب، پٺاڻ سڀ هڪ ٿي نئين تا??يخ لکي رهيا آه??. وزيراعظم چيو ته لسٻيلا ۾ سان جي آفيسرن ۽ جوانن شهادت ماڻي. غذر ۾ هڪ ئي خندان جا 8 ماڻهو ريلي جي ور چڙهي ويا ۽ رڳو هڪ بزرگ ۽ ان جي معذور ٻارڙيءَ باقي بچي ويا. اهڙا داستان هر جڳهه تي وکريل آه?? پر پوري قوم هڪ ڀيرو ٻيهر متحد ٿي ??ڪي آه??. وزيراعظم ملڪ جي دفاع لاءِ قربانيون ڏيندڙ شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم انهن کي سلام پيش ڪري ٿي جن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري چنئوڻ تي وڏي دشمن کي شڪست ڏني، انهن جون اهي قربانيون رائيگان نه وينديون.