اس??ام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??يو آهي ته پ??ڪستان ۽ ڪئناڊا جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ فروغ وقت جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي لاڳاپن جي تاريخي نوعيت آهي، افغانستان جي لاءِ ڪئناڊا جي انساني بنيادن تي مدد خوش آئنده آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اها ڳالهه ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير ميلاني جولي سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهه ٻولهه ??ور??ن ڪئي. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي بلاول ڀٽو زرداري ??ي مبارڪباد ڏني. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي قيام جي ڊائمنڊ جوبلي جي پڄاڻي جي موقعي تي پنهنجي پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهائين??ي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير ميلاني جولي عالمي ۽ علائقائي لاڳاپن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير ۽ سندس ڪئناڊا جي هم منصب گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.