اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان ??اڪ??تان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي تعاون جي فريم ورڪ، ٻوڏ کان ڇوٽڪاري، خوراڪ جي حفاظت ۽ ماحولياتي نظام جي بحالي سميت گڏيل قومن جي ??اڪ??تان سان ڪم ۽ تعاون جي مختلف شعبن تي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي لاءِ ??اڪ??تان جي پڪي عزم کي ور??ائ??ندي چيو ته امن قائم ڪرڻ، انساني همدردي جي سرگرمين، موسمياتي تب??يلين ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ عالمي تعاون جي شعبن ۾ ??اڪ??تان گڏيل قومن جي ڪمن ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي ايجنڊا 2030ع ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??اڪ??تان جي اڳڀرائي جي حمايت ۾ گڏيل قومن پاران ادا ڪيل اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم سڄي ??اڪ??تان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تب??هي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته متاثر علائقن ۾ ماڻهن کي انساني بنيادن تي ريليف جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر وزيراعظم کي گڏيل قومن جي ??اڪ??تان ۾ پائيدار ترقي، انساني امداد، ماحولياتي تحفظ، خوراڪ جي حفاظت ۽ موسمياتي تب??يلي جي شعبن ۾ جاري سرگرمين کان آگاهه ڪيو. هن ڪورونا وائرس جي وبا سان لچڪدار بحالي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ ??اڪ??تان جي جاري ڪوششن ۾ گڏيل قومن پاران مسلسل حمايت کي ورجايو. جولين هارنيس جنوري 2020ع کان ??اڪ??تان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي، گڏيل قومن جي ڪنٽري ٽيم جنهن ۾ گڏيل قومن جون سموريون ايجنسيون، فنڊز، پروگرام شامل آهن، جي سربراهي ڪري رهيو آهي ۽ ??اڪ??تان جي ترقياتي ترجيحن ۽ منصوبن سان گڏيل قومن جي ملڪ ۾ قدمن جي هم آهنگي يقيني بڻائي رهيو آهي.