اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جو هڪ طرفو قدم قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ ڊيموگرافي جي تبديلي جي سازش آهي، ا??ي سمورا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت سمورن عالمي قانونن ??ي کليل خلاف ورزي آهن. 5 آگسٽ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي خصوصي پيغام ۾ قمر زمان ڪائره چ??و ته ٽي سال اڳ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا. انهن قدمن جو مقصد ڀارت جي اها ڪڌي حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ هو جنهن تحت ڀارت والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي ڊيموگرافي جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان مقصد کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت لکين غيررياستي رهوا??ين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا آهن. اهي سمورا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت سمورن عالمي قانونن ??ي کليل خلاف ورزي آهن. هن چ??و ته ڀارت والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني قدمن تي بضد ۽ بي خوف آهي. ڪشميرين کي بااختيار ڪرڻ ۽ راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت پاران قائم ڪيل حدبندي ڪميشن والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي من ماني ۽ هٺ ڌرمي جو واضح مثال آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کانپوءِ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال مسلسل خراب ۽ ناقابل برداشت آهي ۽ تڏهن کان 650 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن جن مان رڳو هن سال 130 ماڻهن کي ڀارتي قابض فوج عدالت کان مٿانهين واقعن ۾ شهيد ڪيو. ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري نوجوانن کي جعلي ۽ نام نهاد مقابلن ۽ سرچ آپريشن ۾ شهيد ڪرڻ هڪ معمول جو عمل بڻجي چڪو آهي.