اسل??م آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف روڊ ٽو مڪه منصوبي تي سعودي قيادت جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان هزارين پاڪستاني حاجي سڳورن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، مستقبل ۾ ان جو دائرو ملڪ جي ٻين شهرن تائين وڌايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي ??رب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي جي قيادت ۾ ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سعودي ڊپارٽمينٽ آف دي ??نرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي منصور شاهد ايس الطائيبي به موجود هو، سعودي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ سعودي ??رب جا تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هن چيو ته علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ٻنهي ملڪن جو موقف گڏيل آهي، هن چيو ته ٻئي ملڪ وقت جي لاهن چاڙهن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، وزيراعظم روڊ ٽو مڪه منصوبي تي سعودي قيادت جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ان قدم تحت هزارين پاڪستاني حاجي سڳورن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته ”روڊ ٽو مڪه“ قدم مستقبل ۾ پاڪستان جي ٻين شهرن تائين وڌايو ويندو، سعودي ??فير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، ترقي ۽ سيڙپڪا??ي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ”روڊ ٽو مڪه“ قدم جو مقصد سعودي ??ميگريشن ۽ ڪسٽم بابت رسمي ڪاررواين کي حج لاءِ اسل??م آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي روانگي کان اڳ مڪمل ڪرڻ آهي، سعودي ??فير چيو ته سعودي ٽيم اهڙن حاجي سڳورن جي ملڪ کان روانگي کان اڳ انهن جي سهولت لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي.