اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پا??ست??ن ۾ جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا ملاقات ڪئي جنهن ۾ پا??ست??ن ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌ??ڪ مستحڪم بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن ۽ جاپان جي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه هلندڙ سال ملهائي پئي وڃي. ان مناسبت سان خصوصي تقريبون منعقد ڪرڻ کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته اهو پا??ست??ن ۽ جاپان جي خصوصي لاڳاپن جو اظهار آهي. جاپان سان پا??ست??ن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺڻ وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪندي وزيراعظم واپار، تر??ي، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماحولياتي تبديلي ۽ انفراسٽرڪچر سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم پا??ست??ن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ۽ تر??ي جي شعبن ۾ بامعنيٰ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ جائيڪا (جي آءِ سي اي) جي جاري پروگرامن کي ساراهيو. پا??ست??ن ۾ ڪاروبار دوست موقعن جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ جاپان جي وڌيڪ ڪمپنين کي دعوت ڏني. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته حڪومت جاپاني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. جاپان جي سف??ر واڊا جاپان جي پا??ست??ن سان ڊگهي مدي واري ٻطرفي تعاون جو ذڪر ڪندي گڏيل مقصد ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ افغانستان مان جاپاني شهرين جي انخلا جي لاءِ پا??ست??ن پاران فراهم ڪيل سهولت کي پڻ ساراهيو. ويراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي جاپان جي وزيراعظم کي جلد پا??ست??ن جي دوري جي دعوت ڏني.