اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي خالد حميد فاروقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سينيئر صحافي خالد ه??يد فاروقي جي لاڏاڻي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو، خالد حميد فاروقي سنجيده طبيعت ۽ اعلي?? صحافتي معيار رکندڙ صحافي هو، هو يورپ مان پاڪستاني صحافي طور ??شهور ??و، تازي ي??ڪر??ن جنگ ۾ به هن هڪ نئين صحافتي تاريخ لکي هئي. هن چيو ته مرحوم هڪ تمام سٺو ۽ محنتي انسان، قابل ۽ باخبر صحافي هو. اطلاعات واري وفاقي مريم اورنگزيب وزير خالد حميد فاروقي مرحوم جي صحافتي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.