اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ويزن وچ ايشيا جي پاليسي تي گامزن ۽ ڪرغزستان سميت سمورين وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ عوامي رابطن جي فروغ جو گهرجائو آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي جمهوريه ڪرغزستان جي پنهنجي هم منصب ارسلان ڪازاڪ بائيف سان ملاقات دوران چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان ڪرغزستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هڪ جهڙي عقيدي، تاريخي ۽ ثقافتي قدرن جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي پرڏي??ي وزيرن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت گهڻ رخي فورمن تي ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جو جائزو ورتو. پرڏي??ي وزير موجوده لاڳاپن جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي مٽاسٽا، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ اد??را??اتي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ باقاعدگي سان اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏي??ي وزيرن پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ سڌوسنئون فلائيٽس جاري ڪرڻ جي حوالي پڻ خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان گوادر پورٽ جي ذريعي ڪرغزستان کي مختصر ترين واپاري رستي جي فراهمي جي لاءِ راضي آهي. پرڏي??ي وزير توانائي منصوبو ڪاسا 1000 منصوبي جي جلد پڄاڻي جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ۽ پاڪستان – چين – ڪرغزستان – افغانستنا، چار ڌريي ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ جي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ رابطن کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏي??ي وزيرن تعليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ جي لاءِ مختلف رخن سميت ڪرغزستان ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏي??ي وزيرن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون جاري رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمن تي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ رابطن جو تسلسل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ڪرغزستان جي پرڏي??ي وزير ارسلان ڪازاڪ بائيف پرڏي??ي وزير کي 82 هين پاڪستان قرارداد ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي 23 مارچ جي پريڊ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو.