اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پ??رل??اماني وفدن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ڪامن ويلٿ پ??رل??اماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جي سيڪريٽري جنرل اسٽيفن ٽوئگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪامن ويلٿ پ??رل??اماني ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي وقتي چيئرپرسن ايان لڊل گرينجر، ايم اين اي شاندانه گلزار خان، قومي اسيمبلي جو سيڪريٽري طاهر حسين، ڪامن ويلٿ پ??رل??اماني ايسوسيئيشن جي ميمبر ايملي ڊيوس ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ فروغ ۾ پ??رل??امينٽ جي ڪردار تي روشني وڌي. هن وفد کي عو??تن جي حقن جي تح??ظ ۽ فروغ لاءِ پ??رل??امينٽ پاران ڪيل قانونسازي جي قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن وڌيڪ چيو ته عو??تن جي مالي ۽ سماجي شموليت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪندي صدر افسوس جو اظهار ڪيو ته گڏيل قومن ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرامد نه ڪري سگهي، هن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ پ??رل??اماني تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪامن ويلٿ پ??رل??اماني ايسوسيئيشن جي ڪردار کي ساراهيو، ان موقعي تي اسٽيفن ٽوئگ صدر کي پاڪستاني تعليمي ماهرن، شاگردن ۽ پ??رل??امينٽ ميمبرن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن عو??تن کي بااخيتار بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن کي به ساراهيو.