اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سا?? ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي، ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان لاهور ۽ تاشقند ج?? وچ ۾ سياحت، ڪاروباري رابطن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي ۽ افغانستان ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سا?? ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ فارن ٽريڊ واري وزير سردور عمرزاڪوف ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي ازبڪستان سا?? واپار، زراعت، توانائي ۽ عوامي سطح تي رابطن جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ايندڙ مهيني ??زبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. وزيراعظم علائقائي رابطن ۽ انضمام کي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي سنگ ميل قرار ڏيندي ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان موقعي تي علائقائي خوشحالي جو سبب بڻجندڙ رابطن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ افغانستان ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي افغانستان ۾ انساني ??حران جي خاتمي لاءِ انساني ۽ اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي فوري ضرورت کي ورجايو. وزيراعظم لاهور ۽ تاشقند ج?? وچ ۾ سياحت، ڪاروباري رابطن ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي جي اهميت تي زور ڏنو. هن ترجيحي واپاري معاهدي سميت سمورن التوا هيٺ ٻطرفن مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. نائب وزيراعظم سردور عمرزاڪوف وزيراعظم عمران خان کي ازبڪستان جي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.