اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملي جي مذ??ت ڪئي آهي. هن پنهنجي هڪ ب??ان ۾ چيو ته باقي بچيل چند دهشتگردن جون اهي بزدلاڻيون ڪارروايون آهن، کين ڪٿي به لڪڻ نه ڏينداسين. مملڪتي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي هر حص?? مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن، شهيد اسان جا هيرو آهن انهن جو خون رائيگان نه ويندو. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي شهيدن جي بلن?? درجن لاءِ دعاڳو آهيون.