اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا ۽ عالمي سطح تي 10 سالن جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي سميت ٻين معاشي چئلينجن جي باوجود پائيدار ترقي جي 5.37 سيڪڙو شرح حڪومت جي ڪاميابي آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ روانگ?? واپار، ٽيڪس وصولي، جنسن جي پيداوار ۾ رڪارڊ اضافو ٿ??و آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ آءِ ٽي روانگ?? واپار 35.8 سيڪڙو، ايف بي آر ٽيڪس وصولي 32.4 سيڪڙو، اس??يٽ بئنڪ ريزور 31.8 سيڪڙو، ٽيڪسٽائيل روانگ?? واپار 26 سيڪڙو، سروسز روانگ?? واپار 20.4 سيڪڙو، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 13.3 سيڪڙو اضافو ٿ??و آهي، هن چيو ته ڪپهه، چانور، ڪڻڪ، ڪمند ۽ مڪئي جي فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ٿ??و آهي جنهن سان آبادگارن وٽ اربين روپين جي اضافي آمدني ٿي آهي ۽ آبادگارن جي خريداري جي سگهه ۾ اضافو ٿ??و آهي.