اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ سنڌ جو آبادگار، هاري، مزدور سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن جي ??لاف فيصلو ڏئي ڇ??يو آهي، حقيقت ۾ اڄ جو آبادگار ٽريڪٽر ٽرالي احتجاج سنڌ حڪومت جي ??لاف هو. فرخ حبيب بلاول زرداري جي ??طاب تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ سنڌ جو آبادگار، هاري ۽ مزدور بکيو سمهي رهيو آهي ته ان جي ??ميدار به پيپلزپ??رٽ?? ئي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپ??رٽ?? 13 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر آبادگارن جي لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو. هن چيو ته سنڌ جا غريب آبادگار ۽ هاري بلاول کان پڇي رهيا آهن ته ڪينال کان سڌو سنئون 500 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڇو ڏنا وي?? آهن، مملڪتي وزير چيو ته بدقسمتي سان اڄ به سنڌ ۾ آبادگارن ۽ ننڍن زميندارن کي پاڻي نٿو ملي، پرچي چيئرمين ٻڌائي ته سکر ۽ ڪوٽڙي سميت سنڌ ۾ پاڻي چور ڪير آهن؟ مملڪتي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري بدين ۽ ٺٽي ۾ سرسبز ٻنيون ٻارا بنجر بڻجي وي?? آهن ۽ مقامي ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ جاگيرداراڻو نظام، هڪ ظالماڻو نظام بڻجي چڪو آهي.