بخارسٽ – 10 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??اڪستان رومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن بخارسٽ ۾ رومانيا جي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا سان ملاقات دوران چئي. وزيراعظم رومانيا جي چيف آف پروٽوڪول پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير رومانيا جي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا کي وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي روشن?? وڌي. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪستان رومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي بهتري ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ويزن جو اظهار آهي. پرڏيهي وزير رومانيا پاران ڪورونا وائرس جي وبائي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ کنيل موثر قدمن کي ساراهيو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ رومانيا جي حڪومت پاران ڪوويڊ جي خاتمي واري ويڪسين جون 500000 خوراڪن جي تحفي جي اعلان تي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا جا ٿورا مڃيا. رومانيا جي وزيراعظم افغانستان جي ڏس ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ رومانيا جي شهرين جي انخلا ۾ اسلام آباد پاران ??را??م ڪئي ويندڙ مدد کي ساراهيو. رومانيا جي وزيراعظم سان ملاقات دوران پرڏيهي وزير اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي خاص طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال جي سنگيني ۽ افغانستان جي ڏس ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير يورپي يونين ۾ پاڪستان جي لاءِ جي ايس پي پلس جي حوالي سان رومانيا جي حمايت کي ساراهيو. رومانيا جي وزيراعظم مسٽر نڪولائي چيوڪا پرڏيهي وزير کي رومانيا اچڻ تي ڀليڪار چوندي نيڪ خواهشن جي اظهار تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.