فيصل آباد – 16 – آڪٽوبر (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪورونا جي ??المي وبا پوري دنيا جي معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ انهي جي ڪري عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سان اسان ??ي به پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو پر پوءِ به حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته عوام تي گهٽ کان ??هٽ بار وڌو وڃي جنهن سان ??ڏوگڏ معاشري جي پيڙهيل طبقي کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته انڊسٽري به ترقي ڪري رهي آهي جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته عوام کي راشن ڪارڊ جي ??رز تي احساس ڪارڊ ذريعي اٽي، کنڊ، گيهه، دالين تي سڌوسنئون سبسڊي ڏينداسين، پي ڊي ايم جيترا مرضي جلسا جلوس، ريليون ڪري اها پنهنجي موت پاڻ مري چڪي آهي ۽ لولي لنگڙي، ٽٽل ڦٽل، سياسي بيروزگارن جي پي ڊي ايم سان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي ڇو ته عوام انهن چورن، ڦورن ۽ قومي ڏوهارين کي بچائڻ جي لاءِ ٻاهر نه نڪرندي. گورنمينٽ ماڊل ايم سي گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول سمن آباد فيصل آباد ۾ رحمت اللعالمين صه عشره جي ??لسلي ۾ منعقد تقريب جي موقعي تي صحافين سان ??الهائيندي هن چيو ته عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان پاڪستان سميت سمورا ترقي يافته ملڪ ان سان متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته جڏهن پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون 37 ڊالر في بيرل تي هيون ته حڪومت عوام کي ريليف ڏيندي رهي پر هاڻي اها قيمت ٻيڻي کان به وڌي 85 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي آهي تنهن ڪري حڪومت کي به قيمتن ۾ ڪجهه اضافو ڪرڻو پيو آهي پر پوءِ به حڪومت پيٽرول تي سيلز ٽيڪس 17 مان ??هٽ ڪري 6.84 سيڪڙو ۽ پيٽروليم ليوي کي گهٽ ڪري 25 کان 30 بدران 5.64 رپيا ڪيو اهڙي طرح حڪومت پنهنجو روينيو گهٽ ڪيو ته جيئن عوام تي وڌيڪ بار نه پوي جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ پيٽرول جون قيمتون اڃا به پاڪستان ??ين وڌيڪ آهن. فرخ حبيب چيو ته دنيا ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 13.5 سيڪڙو اضافي جي ??بتڙ اسان 8 سيڪڙو اضافو ڪري اربين جو بار پاڻ کنيو آهي. هن چيو ته اهڙي طرح ڪوئلي جنهن سان بجلي پيداوار انڊسٽري هلي ٿي جي قيمت عالمي سطح تي 50 ڊالر في ٽن کان وڌيڪ 250 ڊالر ۽ کاڄرو تيل جي قيمت 500 ڊالر في ٽن مان وڌي 1200 کان 1300 ڊالر في ٽن ٿي وئي آهي جنهن سان ??ڏوگڏ ڪنٽينر شپنگ جا جيڪي چارجز اڳ ۾ 2000 ڊالر ۽ پهچ 1 مهينو هئي هاڻي ان جا چارجز وڌي 8000 کان 10 هزار ڊالر ۽ پهچ 3 کان 4 مهينا ٿي چڪي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته گڏيل قومن جي ??يلي اداري ورلڊ فوڊ آرگنائيزيشن جو چوڻ آهي ته 1970ع کانپوءِ ڪورونا جي ??المي وبا جي ڪري دنيا ۾ مهانگائي جي ??دترين لهر آئي آهي جڏهن ته بلوم برگ پڻ ان جي ??ائيد ڪئي آهي پر ان جي ??اوجود اسان عوام کي ريليف ڏيڻ جي ??موري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ ان ??س ۾ اسان جون گيهه ملز مالڪن سان ??الهيون هلي رهيون آهن ته جيئن گيهه جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ??نهن جي لاءِ حڪومت ٽيڪسن جي مناسب گهٽتائي لاءِ پڻ تيار آهي. هن چيو ته حڪومت ايندڙ مهيني نومبر ۾ راشن ڪارڊ جي ??رز تي 1 ڪروڙ 20 لک غريب خاندا??ن کي احساس ڪارڊ جاري ڪري رهي آهي جنهن تي اهي اٽي، کنڊ، دالين ۽ گيهه تي سڌوسنئون سبسڊي حاصل ڪري سگهندا.