اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) 22 آگسٽ (اڄ) آچر ڏينهن سعودي عرب جي شهر جده ۾ او آءِ سي جو غيرمعمولي ??يگ??يڪيوٽو اجلاس طلب ڪيو آهي. اجلاس ۾ افغانستان ??ي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل يوسف بن احمد العثيمين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي ٻڌايو ته افغانستان ۾ تيزي سان ??بديل ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪرڻ جي لاءِ سفيرن ۽ مستقل نمائندن جو اجلاس ٿيندو. پرڏيهي آفيس هڪ بيان ۾ چيو ته پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ??فغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن ان ??ميد جو اظهار ڪ??و ته افغان پارٽيون هڪ ٺوس سياسي حل جي لاءِ ڪم ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته ڪابل ۾ ڳالهين جي ڪاميابي س??ن نه رڳو افغانستان پر خطي کي به فائدو ٿيندو. پرڏيهي وزير افغان ??وام جي حقن ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري جي لاءِ ضروري آهي ته اها افغانستان ??ان مصروف رهي جنهن ۾ ملڪي معيشت، نئين سر تعمير، بحالي ۽ انساني ضرورتن کي سپورٽ ڪرڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان ??مت جي لاءِ پرامن، متحد، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ??ي ڳولا ۾ افغان ??وام سان پنهنجي روايتي يڪجهتي ظاهر ڪرڻ به ضروري آهي. هڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي اهميت تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير افغانستان ??ي اندر ۽ ٻاهر حالتون خراب ڪندڙن بابت خبردار ڪ??و جيڪي ملڪ جي صورتحال جو فائدو کڻڻ چاهين ٿا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افعانستان مان ??فارتي مشنز، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۽ چرپر ۾ پاڪستان ??ي ڪردار کي اجاگر ڪ??و. هن ان ??ميد جو اظهار ڪ??و ته ڪابل ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٺوس ۽ حصيدار حڪومت ٺهندي جيڪا افغانستان ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي آڻيندي.