اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته اف??انستان جي اٺين صوبي تي طالبانن جي قبضي کانپوءِ اف??انستان ۽ آمريڪي عوام کي اف??انستان جي موجوده حڪمرانن جي سامهون سوال رکڻ گهرجي ته آخر اف??انستان کي ڏنل 2 هزار ارب ڊالر زمين کائي وئي يا آسمان ڳهي ويو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايترا پئسا لڳڻ کانپوءِ اف??ان فوج پنن وانگر ڇو وکري رهي آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اف??انستان جي عوام غربت ۾ پيسجي رهي آهي پر اف??انستان جا سياستدان ۽ جرنيل ارب پتي آهن، انهن سڀني جا ٻاهرين ملڪ اربين روپين جا اثاثا آهن، ڪرپشن ڪ??ڙي طرح قومن کي غرق ڪري ڇڏيندي آهي?? افغانستا?? ان جو مثال آهي.