اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ت?? آءِ ايم ايف جي سڀني مطالبن جي باوجود وزيراعظم عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ ۽ 150 ارب روپين جا سڌا ٽيڪس نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سڀئي معاشي انگ اکر مثبت آهن، موجوده حڪومت پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ اليڪشن ترميمي بل منظور ڪري ورتو آهي، ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستاني هن سال جي پهرين 11 مهينن ۾ رڪارڊ 26.7 بلين ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليو. پنهن??ي ٽوئيٽ ۽ بلاول جي بيان ??ي رد عمل ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي مان اليڪشن ترميمي بل منظور ٿي ويو، ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستاني اسان جي ملڪ جو اثاثو آهن.