اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو ??هي ته مستقبل ۾ اهي ملڪ ترقي ڪندا جن جا نوجوان ملازمت کان وڌيڪ ڪاروبار تي ڌيان ڏيندا، اسان کي پنهنجي ادارن کي ترقي ڪندي دنيا سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو، ڪامياب نوجوان پروگرام پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان پروگرام جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي هوندي، موجوده دور ۾ هنر جي اهميت ۽ قدر پهرين ??ان وڌيڪ آهي، هنر جي استعمال سان ترقي ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان کي ترقي يافته بڻائڻ لاءِ هنر جو فروغ اهميت رکندڙ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه يونيورسٽي ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، تقريب ۾ وزيراعظم جو نوجوانن جي معاملن وارو خاص مددگار عثمان ڊار، نيوٽيڪ جي چيئرمين سيد جاويد حسين ۽ بحريه يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير ڪامياب جوان پروگرام جي شريڪ ٿيندڙن کي ڪورس مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، هن چيو ??ه ٽيڪنالاجي دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو ??هي، پاڪستان ۾ به ٽيڪنالاجي سان تبديلي ايندي، هن چيو ??ه پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي جي عمر 30 سالن کان گهٽ آهي، فيس بڪ، گوگل، پي پال، ٽوئيٽر لانچ ڪرڻ وارا به ماڻهو به نوجوان هئا، انهن سڄي دنيا کي بدلائي ڇڏيو. اسان کي پاڪستان ۽ پنهنجي زندگين ??ي تبديل ڪرڻو آهي ته هنر لازمي آهي، هن چيو ??ه تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ هنر جي اهميت پهرين ??ان وڌيڪ آهي، اڄ کان ڪجهه عرصو اڳ اهو رواج هو ته ڊگري حاصل ڪري ملازمت اختيار ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي ملازمت جي جاءِ تي ڪاروبار جو تصور وڌي رهيو ??هي. اهي ملڪ سدائين ??امياب ٿيندا جيڪي ڪاروباري ماڻهو پيدا ڪندا، هن چيو ??ه اسان هنر جي استعمال سان پنهنجو پاڻ کي ۽ دنيا کي تبديل ڪري سگهون ٿا ان جي لاءِ اسان کي ترقي پسند سوچ اختيار ڪرڻي پوندي، جيڪا بدلجندڙ دنيا سان هڪجهِڙائي رکندي هجي.