اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوت??يو?? رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 65 فوت??يو?? ٿيون جنهن مان 23 فوت??يو?? وينٽ??لي??رز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 724 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽ??لي??رز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان م??تا?? ۾ 69 سيڪڙو، لاهور ۾ 44 سيڪڙو، فيصل آباد ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 38 سيڪڙو مر??ض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 38 سيڪڙو، صوابي ۾ 44 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 45 سيڪڙو، م??تا?? ۾ 57 سيڪڙو مر??ض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 59 هزار 76 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 18 هزار 132، پنجاب ۾ 25 هزار 245، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 859، اسلام آباد ۾ 4 هزار 961، بلوچستان ۾ هڪ هزار 410، گلگت بلتستان ۾ 459، آزاد ڪشمير ۾ 1010 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 27 هزار 843 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽ??لي??ر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽ??لي??رز تي ڪوويڊ 19 جا 517 مر??ض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 60 هزار 268 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 8 هزار 576 آهي.