ڪراچي – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ سماجي ۽ معاشي انقلاب لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي فروغ تي زور ڏنو. هو گورنر هائوس ۾ پاڪس??ان ريلوي ۽ دي سٽيزن فائونڊيشن جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي به موجود هئي جڏهن ته ٻين شرڪت ڪندڙن پاڪس??ان ريلوي جي ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ ڪراچي محمد حنيف گل، ٽي سي ايف جي جنرل مينيجر راحيله فاطمه شڪيل، انصاف ڪميونٽي سوسائٽي جي صدر زاه?? اصغر شامل هئا. صدر خصوصي ٻارن کي تعليم فراهم ڪري انهن کي معاشي نظام ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بنگلاديش عورتن جي تعليم ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ڪري ملڪ ما?? غربت کي ختم ڪرڻ ۽ معيشت کي پائيدار بڻائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته انهي طرح پاڪس??ان کي به پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.