اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميرين جا حق غصب ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کان ڇوٽڪارو ڏياري، وز??راعظم عمران خان جي جرئتمنداڻي قيادت ۾ ??اڪ??تان ڀارتي ظلمن، بربريت، والاريل ڪشمير جي آ??ين?? حيثيت جي تبديلي، ڊگهي لاڪ ڊائون ۽ انسانيت لڄائيندڙ سلوڪ کي عالمي اڳواڻن، عالمي ادارن، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت عالمي فورمز تي بي نقاب ڪيو آهي، ??اڪ??تان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري واري جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، هر گذرندڙ ڏينهن معصوم، بي هٿيار ڪشميرين جي لاءِ اسان جي حمايت کي وڌيڪ سگهه ملندي. هو پرڏيهي آفيس ۾ ” يوم يڪجهتي ڪشمير تصويري نمائش“ جي تق??يب کي خطاب ڪري رهيو هو، آزاد ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان، پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي، غير ملڪي سفارتڪارن جو وڏو تعداد تق??يب ۾ شريڪ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو ته غير قانوني ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ زندگي جي ٻين رخن سان گڏوگڏ سموري ثقافتي ۽ قدرتي خوبصورتي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت پاران تصويري نمائش منعقد ڪرڻ بهترين قدم آهي، هن چيو ته ڪشمير زمين تي جنت جي نظير آهي پر مظلوم ۽ بي هٿيار ڪشميرين تي ڀارتي حڪومت ۽ فوج ظالماڻي ۽ غير انساني سلوڪ جي انتها ڪري ڇڏي آهي.