اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چ??و آهي ته احساس ڪفالت پروگرام تحت فيبروري کان خصوصي ٻارن جي والدين کي مدد فراهم ڪ??ي ويندي، خصوصي ٻارن جي انفرادي ضرورتن موجب ووڪيشنل ٽريننگ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي فائونڊيشن جي دوري جي موقعي تي ڪيو. بيگم ثمينه عارف علوي کي جسماني ۽ ذهني طور تي معذور ٻارن جي بحالي جي لاءِ کنيل قدمن تي ??ريفنگ ڏني وئي، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته خصوصي ٻارن جي انهن جي انفرادي ضرورتن موجب تعليم ۽ تربيت ۽ ٿراپي ڪ??ي ويندي، ان موقعي تي ڳالهائيندي بيگم ثيمنه علوي چ??و ته احساس ڪفالت پروگرام تحت فيبروري کان خصوصي ٻارن جي والدين جي مدد فراهم ڪ??ي ويندي.