اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ممنوعه فنڊنگ ۾ اسان کي ڦاسائيندڙ مخالف ڌر پاڻ اليڪشن ڪميشن ۾ ڦاسي چڪي آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي ڪارڪنن ۽ خيرخواهن جا نالا، ايڊريس، شناختي ڪارڊ ۽ ٻين دستاويزن جي 40 هزار انٽريز تي ٻڌل تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، مخالف ڌر کي ??شورو آهي ته اها جٿن جي پٺيان لڪڻ بدران خاموشي سان اليڪشن ڪميشن وڃي پنهنجي فارن ف??ڊنگ جا تفصيل جمع ڪرائي، پي ڊي ايم ناڪام تحريڪ تي ٿيسز لکيا ويندا ته ڇو اها تحريڪ ناڪام ٿي، پي ڊي ايم جو آخري پ??و اليڪشن ڪميشن جي سامهون احتجاج جو آهي، 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج منهن جي پڪائي، عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي سرگرمي آهي. هو پي آءِ ڊي ?? ريلوي واري وفاقي پ??رلياماني سيڪريٽري فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.