اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان آذربائيجان جي پرڏيهي وز??ر جيهون بيراموف هتي ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??راعظم آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام کي والاريل علائقو آزاد ڪرائڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ آزاد ڪرايل علائقن جي نئين سر تعمير ۽ ترقي ۾ پاڪستان جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. وز??راعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وز??راعظم بهترين ٻطرفي سياسي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو.