اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف پاران تع??ير??تي شعبي لاءِ هڪ وڏي مراعتي پيڪيج جي اعلان کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ وسيع پئماني تي تع??ير??تي سرگرمين جو آغاز ٿي ويو آهي ۽ ان سان غربت ۽ بيروزگاري ۾ واضح گهٽتائي متوقع آهي. نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي موجب حڪومت نئين پاڪستان هائوسنگ پروگرام جي لاءِ 30 ارب رو??يا سبسڊي طور مختص ڪيا آهن، گهٽ آمدني وارن طبقن لاءِ ٺهندڙ پهرين هڪ لک گهرن تي حڪومت پاران في گهر 3 لک رو??ين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، اهڙي طرح گهٽ اگهه وارن گهرن جي لاءِ ٽيڪس جي شرح ۾ وڌيڪ 90 سيڪڙو ڇوٽ، 5 مرلي جي گهر تي 5 سيڪڙو، جڏهن ته 10 مرلي جي گهر تي 7 سيڪڙو مارڪ اپ تي قرض ڏيڻ جي سهولت ڏني وئي آهي، ان ڏس ۾مختلف بئنڪن پاران قرضن جي فراهمي جو سلسلو به جاري آهي، جڏهن ته بئنڪن ”منهنجو پاڪستان – منهنجو گهر“ اسڪيم تحت صارفين ??ي قرض حاصل ڪرڻ ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي ڊيسڪون به قائم ڪيون آهن، جتي ماڻهن کي قرض حاصل ڪرڻ جي باري ۾ معلومات، گهربل ڪاغذ ۽ قرض جي ادائيگي جي شيڊول جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويندو آهي، انهي اسڪيم تحت سڀئي پاڪستاني درخواست ڏئي سگهن ٿا، قرض حاصل ڪرڻ تي پهرين پنجن سالن جي لاءِ 10 لک رو??ين تي هر مهيني قسط 6 هزار 600 رو??يا، 20 لک رو??ين تي 13 هزار 199 رو??يا، 30 ل?? رو??ين تي 19 هزار 799 رو??يا، 40 لک رو??ين جي قرض تي 31 هزار 12 رو??يا، جڏهن ته 50 لک رو??ين جي قرض تي 38 هزار 765 رو??يا ادا ڪرڻا پوندا، ان اسڪيم تحت ٽي ڪيٽيگريون آهن جنهن مان پهرين ??يٽيگري نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي (NAPHDA) جي منصوبن جي آهي جنهن ۾ 850 اسڪوائر فوٽ ڪورڊ ايريا تي ٻڌل 5 مرلي جا گهر يا اپارٽمينٽ شامل آهن، ٻي ڪيٽيگري ۾ Non- NAPHDA جا منصوبا شامل آهن جيڪي 850 اسڪوائر فوٽ ڪورڊ ايريا تي مشتمل 5 مرلي جا گهر يا اپارٽمينٽ تي مشتمل هوندا، اهڙي طرح ٽئين ??يٽيگري ۾ به Non- NAPHDA جا منصوبا شامل آهن، جيڪي 125 مربع گز کان وڌيڪ 10 مرلي تائين جي گهرن تي مشتمل هوندا جنهن جو ڪورڊ ايرياز 850 مربع فوٽ کان 1100 مربع فوٽ هوندو، پهرين ۽ ٻي ڪيٽيگري جي گهرن يا اپارٽمينٽ جي وڌ کان وڌ قيمت 35 لک رو??يا جڏهن ته ٽين ??يٽيگري جي گهر يا اپارٽمينٽ جي قيمت 60 لک رو??يا مقرر ڪئي وئي آهي، ان اسڪيم تحت پهرين ??يٽيگري لاءِ 27 لک رو??يا، ٻي ڪيٽيگري لاءِ وڌ کان وڌ 30 ل?? رو??يا، ٽئين ??يٽيگري لاءِ 50 لک رو??ين تائين جو قرض فراهم ڪيو ويندو. بئنڪون ان مقصد لاءِ 378 ارب رو??ين جي رقم مختص ڪئي آهي، سڀني لاڳاپيل ڊولپمينٽ اٿارٽيز پاران ٿوري مدي ۾ منصوبن جي منظوري لاءِ اين او سي جي پراسيسنگ ون ونڊو پورٽل جي ذريعي ڪئي پئي وڃي، وفاقي ڪابينا انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع ۽ فنانس ايڪٽ 1989ع ۾ ترميم جي ذريعي تع??ير??تي صنعت کي ٽيڪس مراعتون ڏيڻ لاءِ آرڊيننس به منظور ڪيو آهي ۽ تع??ير??ت جي شعبي ۾ گهٽ آمدني وارن طبقن ۽ ملازمن لاءِ هائوسنگ پروجيڪٽ کي ڪيتريون ئي مراعتون به فراهم ڪيون، جنهن ۾ فڪسڊ ٽيڪس جو نظام، گهٽ وياج جي شرح تي قرضن جي فراهمي سميت ٻيون سهولتون شامل آهن، انهن قدمن سان تع??ير??تي مٽيريل جي قيمتن ۾ به گهٽتائي آئي آهي ۽ ترقي جو ڦيٿو هڪ ڀيرو ٻيهر روان دوان ٿي ويو آهي، اهو سڀ وزيراعظم عمران خان جي ولوله انگيز قيادت جي ڪري آهي، حڪومت جي انهن قدمن جي ڪري غريب عوام هاڻي پنهنجي گهرن ۾ رهندي مسواڙ جي جاءِ تي گهر جي قسط ادا ڪري پنهنجي گهر جو خواب پورو ڪري سگهي ٿي.