اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??وٽ??وي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس وٺ?? ورتو آهي، وڌيڪ قيمتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ناجائز منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي ??وٽ??وي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن جي حوالي سان شڪايتن جو نوٽيس وٺ?? ورتو آهي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ مواصلات واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي ??وٽ??وي کي خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ??وٽ??وي ريسٽ ايرياز تي قيمتن جي مانيٽرنگ جي لاءِ خصوصي ٽيمون مخصوص ڪيون وڃن، ٽيمون ??وٽ??وي ريسٽ ايرياز تي ڏينهن ۽ رات باقاعدگي سان ڇاپا هڻن. ٽيمون ضرورت موجب ضلعي انتظاميا کان ڪنهن به وقت مدد وٺي سگهن ٿيون. ??وٽ??وي ريسٽ ايرياز تي وڌيڪ قيمتن جي خلاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، ??وٽ??وي ريسٽ ايرياز تي مسافرن ۽ سياحن جي آگاهي جي لاءِ بينرز هنيا وڃن. سٽيزن پورٽل تي شڪايتن جي آگاهي بابت پڻ ريسٽ ايرياز ۾ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس لاڳاپيل عملدارن کي 21 ڏينهن ۾ شروع??تي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. قدمن جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ جي تقابلي رپورٽ پڻ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي.