اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ??راز چيو آهي ته تازي قانونسازي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي لاءِ بنيادي شرط هو، ماضي جا حڪم??ان مني لانڊرنگ ۾ ملوث هئا، ماضي جا حڪم??ان پنهنجو ڪارو ڌن سفيد ڪندا هئا انهي لاءِ قانون نه ٺ??هيندا هئا، حڪومت چاهي ٿي ته جلد کان جلد گري لسٽ مان نڪرون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهرو معاملن واري صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.