اسلام آباد ?? 23 ??ولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان هدايت ڪئي آهي ته ڏورانهن علائقن ۽ پوئتي پيل علائقن خاص طور تي بلوچستان، ??م ٿيل علائقن ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت جي فراهمي ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هن ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ حڪومت طرفان وڌيڪ مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان ناڻي واري صلاحڪار، صنعت ۽ پيداوار واري وزير، منصوبابندي واري وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ تعليم واري وزير ت?? ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي. وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي ڪوريج کي وڌائن ۽ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان ??جلاس ٿيو، اجلاس ۾ آءِ ٽي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، آءِ ٽي جو سيڪريٽري، پي ٽي اي چيئرمين، سي اي او يوني??رس?? سروس فنڊ (يو ايس ايف) ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا.