اسلام آ??اد – 26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آ??اد جي شهرين کي گهر جي چائنٺ تي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ جديد، عام ۽ منفرد موبائيل ايپ جاري ڪري ڇڏي آهي. موبائيل ايپ جاري ڪرڻ ج?? مقصد شهرين کي سرڪاري آفيسن ۾ ڊگهين قطارن ۽ انتظار جي زحمت کان بچائڻ آهي، ايپ سان ڪرونا وائرس کان بچاءُ ج?? سامان جي عدم دستيابي جي شڪايت به ڪري سگ??بي. هڪ تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان ايپ جاري ڪئي.