ڪراچي – 20 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ ٻارن جي 500 بسترن تي ٻڌل هڪ وڌيڪ اسپتال جي ق??ام جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي شهر سان گڏوگڏ ملڪ جي ٻين حصن مان خصوصي علاج لاءِ ايندڙ مريضن جي وڌندڙ تعداد کي نظر ۾ رکندي اهو تمام ضروري آهي ته سرڪا??ي اسپتالن تي بار وڌيڪ آهي ان سلسلي ۾ ٺوس ۽ ڊگهي مدي وارا قدم کڻڻا پوندا، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ج?? اوچتي دوري کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيند?? ص??ر چيو ته ان دوري ۾ هن هڪ بستري تي چار کان پنج مريض ٻار ڏٺا آهن ۽ اهو انتهائي ڳڻتي جو سبب آهي.