اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اطلاعات واري ڪميٽي ۾ چيئرمين نيب جي طلبي کي کل جوڳي قرار ڏيندي چيو آهي ته مخالف ڌر جو مقصد هر پليٽ فارم کي غلط استعمال ڪري نيب کي دٻاءُ ۾ آڻڻ آهي، براڊشيٽ معاملي تي وزيراعظم عمران خان انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي ج??ڪا 45 ڏينهن ۾ براڊشيٽ معاملي تي لاڳاپيل ماڻهن، ڪردارن ، وزيرن ۽ وڪيلن جي تحقيقات ڪندي. هو پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي ج?? اسٽينڊنگ ڪميٽي ج?? اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳ??له??ئي رهيو هو.