اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ملڪيت آهن، پورٽ قاسم اٿارٽي جي قانون موجب اهي وفاق جو حصو آهن، ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽيشن، ??يوريج، سولڊ ويسٽ ۽ پاڻي جي سپلاءِ چار وڏا مسئلا آهن، ??يتريون حڪومتون آيون پر ڪراچي جا مسئلا گهٽ نه ٿيا، وزيراعظم عمران خان پاران ڪراچي جي ترقياتي جي لاءِ ??ئڪيج سان مطمئن آهيان، ??ڄي ذميواري وفاق کڻي ته پوءِ صوبائي حڪومت جي ڪهڙي ذميواري رهجي ويندي. نجي ٽي وي چيبنل کي خاص انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته احتجاج ڪرڻ مخالف ڌر پارٽين جو حق آهي، پرامن احتجاج جمهوريت جو حسن آهي، مخالف ڌر پارٽين جي گذريل سال لانگ مارچ سان ڪشمير ڪاز کي نقصان پهت??، مخالف ڌر جي مارچ سان ڪورونا وڌڻ جوخطرو آهي، انهن کي مشورو آهي ته ماسڪ پائي احتجاج ڪن.