اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن و??ري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي اسان جو آهي ۽ ڪراچي کانسواءِ پاڪستان نه آهي، ڪراچي ۾ بجلي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ ڪي اليڪ??رڪ جي معاملن تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڊگهي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته ايوان ۾ لفظن جي چونڊ مناسب هجڻ گهرجي، منهنجي سنڌ حڪومت کي درخواست آهي ته اسلم خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺي، هن چيو ته ڪي اليڪ??رڪ جي نجڪاري مسلم ليگ (ق) جي دور ۾ ٿي، پنج سال پيپلزپارٽي جي حڪو??ت رهي ۽ پيپلزپارٽي جو بجلي وارو وزير راجا پرويز اشرف جيڪو هن ايوان ۾ موجود آهي، هن ڪي اليڪ??رڪ ۾ مجرماڻيون ڪاررواين کي ڇو نه پڪڙيو، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي بجلي واري وزير خواجه آصف به هتي آهي، هن ايڪشن ڇو نه کنيو.