ڪراچي – 08 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ چي?? آهي ??انوڻي جون برساتون رحمت هونديون هيون پر سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪري اهي ??حمت واريون برساتون زحمت بڻجي ويون آهن. هڪ ڪلاڪ جي برسات ڪراچي ۾ انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. برسات سبب 6 حياتيون ضايع ٿيون آهن. اهڙو اظهار هن حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ سربراهه بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي، آغا ارسلان، سمير مير شيخ، ڄام فاروق احمد ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ گڏ هئا. حليم عادل شيخ چي?? ته ڪراچي ۾ گٽر صاف ڪرڻ لاءِ پئسا به ورلڊ بئنڪ طرفان ڏنا ويا، گٽر وهي ??هيا آهن ڪوبه صفائي جو عمل ناهي ٿيو. ڪي اليڪٽرڪ قاتل اليڪٽرڪ بڻجي چڪي آهي ??سان جا ايم پي ايز ڪي اليڪٽرڪ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن. 2009 ع ۾ زرداري ڪي اليڪٽرڪ جو ٺيڪو ابراج گروپ کي ڏنو جيڪو 2023 ع تائين مهاعدو ٿيل آهي. جنهن جي ڪري ڪراچي جو عوام اڄ تائين ڀوڳي رهيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ کي مهاعدي مطابق انفرا ??سٽ??ڪچر تي ٻه ارب ڊالر خرچ ڪرڻا هئا پر هڪ روپيو به خرچ نه ڪيو ويو آهي. ابتو ٽامي جون تارون به وڪرو ڪري هڙپ ڪري ويا آهن. ٽٽل تارن جي ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. هن چي?? ته ڪي اليڪٽرڪ کي ڀڄڻ نه ڏينداسين جيڪي به فوت ٿيا آهن سڀني جون ايف آئي آر ڪي اليڪٽرڪ جي مالڪن خلاف داخل ڪرائينداسين. گذريل سال به نيپرا ڪراچي ۾ فوت ٿيلن جو ذميوار ڪي اليڪٽرڪ کي ڄاڻايو هو. هن چي?? ته مرتضيٰ وهاب جو معصوم چهرو آهي کيس پنو لکي ڏنو وڃي ٿو ۽ اهو ميڊيا اڳيان پڙهي ٻڌائي ٿو. اصل ملزم ماڻهو کي ڇو سامهون نٿو آندو وڃي. هن الزام هڻندي چي?? ته ڪراچي ۾ قتل و غارت ۾ پيپلزپارٽي جو وڏو هٿ آهي. هن چي?? ته اصل جي آئي ٽي علي زيدي واري آهي پ پ وارن جي آئي ٽي مٽائي ڇڏي آهي. علي زيدي واري جي آئي ٽي ۾ پوليس آفيسرن صحيحون نه ڪيون. پوليس نئين قانون موجب پوليس سنڌ حڪومت جي زير دست آهي. هن چي?? ته لياري ۾ وڃي ماڻهن کا پڇيو وڃي ته عذير بلوچ ڪنهن جو ماڻهو هو. فريال ٽالپر ۽ اڳوڻو وزير اعليٰ عذير بلوچ جي دعوتن ۾ شرڪت ڪندا هئا. پ پ جون ٽيڪٽون عذير بلوچ جي چوڻ تي ڏنيون وينديون هيون. پيپلزپارٽي جي چوڻ تي گينگ واري جوڙي ويئي هئي. سڀني کي سامهون آندو وڃي قاتلن کي سزائون ڏنيون وڃن. بلديه فيڪٽري سانحي ۾ 250 مزدرون کي ڀتو نه ڏيڻ جي آڙ ۾ جيئرو ساڙيو ويو ان وقت جي ايم ڪ??و ايم لنڊن ملوث هئي. پيپلزپارٽي به ساٿ ڏنو ڪيس غلط داخل ڪيو ويو ڇا ان غلط ڪيس داخل ڪندڙن خلاف ڪا ڪارروائي ٿي؟؟ بلديه فيڪٽري سانحي جي جي آئي ٽي رپورٽ ۾ چي?? ويو ته ٽن مهينن اندر ريسڪيو ادارو کوليو وڃي پر اڃا تائين سنڌ ۾ ڪوبه ريسڪيو ادارو ناهي فعال ٿيو. عذير بلوچ رپورٽ ۾ چي?? آهي ??ه مرضي سان آفيسرن کي لڳرائيندو هو. اهي ڪير هئا جيڪي آفيسرن جون بدليون ڪرائيندا هئا انهن کي ڇو سامهون نه آندو ويو، عذير بلوچ جن پلاٽن تي قبضا ڪرايا ڇا اهي پلاٽ شهرين کي واپس ڪرايا ويا ؟. ظالم ماڻهو هن دنيا ۾ به حساب ڏيندا آخرت ۾ حساب ڏيندا. هن چي?? ته اسان ووٽ جي ذريعي ڪراچي جو امن بحال ڪرائي ڪراچي کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪ??اي?? آهي. عارف علوي، عمران اسماعيل هنن جي دور ۾ بندوق جي سائي هيٺ ڪم ڪ??و هو. پيپلزپارٽي جو نعرو روٽي ڪپڙا مڪان نه پر ڪرپشن، قتل، ڀته بڻيل آهي ??وام پ پ پ جو اصل چهرو ڏسي چڪي آهي . جي آئي ٽي رپورٽ ۾ جن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي ويئي انهن خلاف به ايف آئي آرز ڪاٽيون وڃن. حنيد لاکاڻي چي?? ته ڪراچي جي عوام پي ٽي آئي کي مينڊيٽ ڏنو آهي ??نهن جي سزا پ پ جي حڪومت عوام کي ڏيئي رهي ??هي. ڪرپٽ ظالمن هر ڪم تي ڪرپشن ڪري پئسو جوڙيو آهي. انهي ماڻهن ڪراچي ۾ قتل و غارت ڪرائي ڀتو ورتو شهرين کي اغوا ڪيو ويندو هو انهن ماڻهن جي پشت پناهي ??ه اهي ??ڪمرانن ڪندا هئا. شهر ۾ بلڊنگون ڪري رهيون آهن . ايس بي سي اي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. تحريڪ انصاف عوام جو آواز بڻجي رهي ??هي ??يستائين چورن کي سزائون نه ملنديون اهو عمل جاري ساري رهندو. ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي عوام سان ظلم ڪ??ا آهن انهن خلاف به وڏو ايڪشن ٿيڻ وارو آهي.