اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قيمتي پٿرن جي شعبي ۾ درپيش مسئ??ن جي حل ۽ ان جي فروغ جي حوالي سان تفصيلي رپور?? طلب ڪندي چيو آهي ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، قيمتي پٿرن جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪي روانگي واپار ۾ ا??اف?? ڪرڻ ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي. هو ملڪ ۾ موجود مختلف جواهر جي قدرتي ??خيرن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ موجود قيمتي پٿرن (زمرد، لعل، ياقوت، نيلم) جي تصديق ٿيل ذخيرن، شعبي ۾ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ، جواهر جي حوالي سان پرڏيهي سيڙپڪاري، روانگي واپار ۽ ان ڏس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي ??فصيلي غور ڪيو ويو. قيمتي ??واهر جي شعبي ۾ ملڪي صلاحيت مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ ۽ ان حوالي سان ملڪي روانگي واپار ۾ ا??اف?? جي ڏس ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ لاڳاپيل ايشوز تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي ??ان ماضي ۾ انهن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو. جواهر جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو ان سيڪٽر ۾ نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪ جي روانگي واپار ۾ ا??اف?? ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي.