اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) هوا بازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته 22 مئ?? 2020ع تي لاهور کان ڪراچي ويندڙ اڏام کي لينڊنگ دوران پيش ايندڙ افسوسناڪ سانحي جي تحقيقات پاڪ فضائيه جي سينئر آفيسرن جي سربراهي ۾ جوڙيل بورڊ ڪري رهيو آهي، سانحي جي شروعاتي ر??ور?? 22 جون تي پارليامينٽ ۽ قوم جي سامهون پيش ڪئي و??ند??، جهاز حادثي ۾ 99 مسافر ۽ ڪاڪ پٽ عملو سوار هو جنهن مان 97 شهيد ٿيا ۽ 2 معجزاتي طور تي محفوظ رهيا جنهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، 51 ميتون ڊي اين اي شناخت کانپوءِ وارثن ??ي حوالي ڪيون ويون آهن، باقي ميتون شناخت جي مرحلي ۾ آهن جنهن کي جلد مڪمل ڪيو و??ند??، جاچ ر??ور?? سامهون اچڻ تي ذميدارن جي خلاف ڪارروائي ٿ??ند?? ڪنهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي و??ند??، شروعاتي ر??ور?? سامهون اچڻ تائين ميڊيا فني رخن تي غير ضروري تبصري کان پاسو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران ڪيو.