اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺندي پنهنجي عزم کي ورجايو آهي ته اسان پاڪستان جي موجوده صديءَ جي سڀ کان وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهيون، اسان جي ٽيم ڏينهن رات صورتحال کي مانيٽر ڪري رهي آهي، وزيراعظم ??اضح ڪيو ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي جيڪ?? پاڪستان کي ترجي??ي بنيادن تي ضر??ري شيون ??هيا ڪري رهيو آهي، ڪرونا وائرس جي عالمي، علائقائي ۽ ملڪي سطح تي صورتحال جو جائزو وٺندي وقت سر قدم کنيا پيا وڃن، عوام جي لاءِ معاشي رليف پئڪيج ان سلسلي جي اهم ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان ڳالهائيندي چيو ته ڪرونا وائرس جي وبا پ??ري قوم جي لاءِ پريشاني جو سبب آهي، اسان هر رخ جو باقاعده جائزو وٺي رهيا آهيون ۽ عوامي مفاد ۾ بهترين فيصلا ڪري رهيا آهيون.