اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي منفي اثرن کان ملڪي معيشت کي ممڪن حد تائين محفوظ رکڻ، معاشي سرگرمين جي بنا رڪاوٽ رواني کي يقيني بڻائڻ ۽ خاص طور تي ??ام ماڻهو جي لاءِ روزگار جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ اولين ترجيح آهي، ڪنهن به ممڪن صورتحال جي ڏس ۾ ??ام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ۽ ضرورت ج?? شين جي وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري جي شڪايت هرگز برداشت نه ڪئي ويندي ۽ شڪايت جي صورت ۾ ذخيره اندوزن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. وزيراعظم اها هدايت ڪرونا وائرس جي ڪري ملڪي معيشت تي پوندڙ ??مڪاني اثرن کان بچڻ جي حوالي سان اڳواٽ ??فاظتي قدم کڻڻ جي س??سل?? ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.