اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ غيرت جي نالي تي قتل جي واقع?? جي مذمت ڪندي چيو آهي ته غيرت جي نالي تي قتل جهڙن واقعن جو خاتمو ضروري آ??ي، ان سوچ کي دفن ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين، تڪ جي عوام روزانو سياستدانن جو احتساب ڪري ٿي ۽ جن سياستدانن عوام کان ووٽ ورت?? هوندا آهن اهي سمورا واعدا پورا ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻين ٿا، چئلينجز کي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ عورت صحافين اهم ڪردار ادا ڪيو، عورت صحافي?? جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ضروري آ??ي. هو انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ ميڊيا ۾ عورت صحافين کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.