واشنگٽن – 18 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪندي آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪل پومپيو سان ڳالهه ٻولهه دوران خطي ۾ امن قائم ڪر?? جي لاءِ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بنيادي تڪرار ڪ??مير مسئلي کي حل ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران هتي ملندڙ پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري سان هتي ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو.