اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، رياست جو چوٿون ٿنڀ هجڻ جي حيثيت سان ميڊيا جو معاشري ۽ حڪومتي قدمن تي عوامي راءِ قائم ڪرڻ ۾ ڪردار اه?? حيثيت رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ سڌارن، حڪومت پاران شروع ڪيل عوامي ڀلائي جي منصوبن، معاشي ۽ اق??صادي ترقي ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي ڏس ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو ڪردار ۽ مستقبل جي حڪمت علي تي بريفنگ وٺندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، شهباز گل، اطلاعات واري سيڪ??يٽ??ي زاهده پروين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.