ڪرتارپور – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بنيادي مسئلو ڪشمير جو آهي، ڪشمير جو ت??رار حل ٿيڻ سان سڄو ننڍو کنڊ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو ۽ امن سان ڪروڙين ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي ٿو، هي رڳو زمين جو معاملو نه آهي پر انسانيت جو مسئلو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انسانن سان جانورن وانگر س??وڪ ڪيو پيو وڃي، خ??شي آهي ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ سان سکن جي دل خ??شي سان ڀريل آهي. ڪرتارپور لنگهه جو باضابطا افتتاح ڪرڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين سالگرهه تي سموري سک برادري کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن کي ڪرتارپور اچڻ تي ڀليڪار چيو.