اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سک مذهب جي باني گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين جنم ڏ??نهن جي موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي جي جذبي جي عڪاس ڪرتارپور راهداري جي بي مثال منصوبي جو صبح ڇنڇر ڏينهن افتتاح ڪندو. ڀا??ت سميت سڄي دنيا مان سک ياترين جي بابا گرو نانڪ جي جنم ڏ??نهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ آمد جو سلسلو جاري آهي، جنم ڏ??نهن جي تقريبن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ سک ياتري شرڪت ڪندا.