اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ب??ني جي ضمانت منظور ڪري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب توشه خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ب??ني جي درخواست واري ضمانت تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران پي ٽي آءِ ب??ني جو ??ڪيل سلمان صفدر ۽ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻُڌڻيءَ دوران عدالت پُڇاڻو ڪيو ته جن ٽن ڪسٽمز آفيسرن قيمتون لڳايون انهن بابت ڇا ڪارروائي ٿي؟ ان تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ٻُڌايو ته ڪسٽمز آفيسرن کان ڪوتاهي ٿي پر اهو ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ نه هو، جن مالي فائدو کنيو اهي بينفشري ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ جو ??رتڪب ٿيا. پراسيڪيوٽر چيو ته بلغاري جيولري سيٽ کي غير قانوني طور تي پاڻ وٽ رکيو ۽ توشه خانه ۾ جمع ئي نه ڪرايو. پراسيڪيوٽر وڌيڪ چيو ته عدالت جيڪو به فيصلو ڪري پر ميڊيا ۾ پهريان کان ??ي آهي ته ضمانت ٿي ويندي. ان تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ميڊيا کان پاڻ کي آجو ڪريو. جسٽس گل حسن اورنگزيب جو چوڻ هو ته ميڊيا ۾ چيو وڃي ٿو ته ڄاڻي واڻي بيمار ٿي پيو آهي، ڄاڻي واڻي نه آيو، ميڊيا جيڪڏهن سنسني نه پکڙيندو ته ??ند?? ڪاروبار ڪيئن هلندو. بعد ۾ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور ڪئي. عدالت پي ٽي آءِ ب??ني کي 10-10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس ٽرائل ڪورٽ آڏو به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته هي سيٽ جي وڌيڪ قيمت لڳائڻ جي شاهدي جو ??عاملو آهي، دٻاءُ جو ??عاملو اڃا ثابت ڪرڻو آهي، ٽرائل دوران عدالت سان تعاون نه ڪيو ويو ته ضمانت واپس ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته نيب پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي توشه خانه جي ٻئي ڪيس ۾ 13 جولاءِ تي گرفتار ڪيو هو.