اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي ته پاڪستان کي غذائي لحاظ کان پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ زراعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ معياري ٻج، ٽيوب ويلز جي سول??ائ??زيشن ۽ مشينري جي فراهمي جي لاءِ وسيلا رکي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما سان ملاقات دوران ڪيو. طارق بشير چيما وزيراعظم کي آبادگار پئڪيج تي اڳڀ??ائ?? ۽ ايندڙ فصلن جي حوالي سان وزارت جي منصوبابندي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن وزارت جي ايندڙ مالي سال ۾ زرعي شعبي ۾ جدت ۽ ميڪنائيزيشن جي حڪمت عملي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني. ملاقات دوران وزيراعظم ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان کي غذائي لحاظ کان پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ زراعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ت?? حڪومت ڪمند، ڪپهه ۽ ڪڻڪ جي بهترين امدادي قيمت سان آبادگارن کي انهن جي محنت جو معاوضو يقيني بڻايو، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ معياري ٻج، ٽيوب ويلز جي سول??ائ??زيشن ۽ مشينري جي فراهمي جي لاءِ وسيلا رکي رهي آهي. هن چيو ت?? حڪومت زرعي پيداوار جي ويليو ايڊيشن جي لاءِ آبادگارن سان گڏجي ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندي.