اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خود??ش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم حوالدار محمد امير ۽ هڪ شهري جي شهادت تي افسوس ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو آه??. وزيراعظم چيو ته مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ مسلمان نه ٿا ٿي سگهن، دهشتگرد دشمنن ج?? ٻانهن ٻيلي آه?? جيڪي پاڪستان کي عد?? استحڪام ??و شڪار ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستاني عوام جي رت جي هر ڦڙي جو حساب وٺنداسين، ڏوهارين کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آه??، شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ملڪ تي پنهنجون ج??نيون قربان ڪري ڇڏيون. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.