اسلام آباد – 23 ̵1; جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا ڀا??راڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ رهن ٿا، ٻئي قومون گڏيل سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي قدرن تي ٻڌل مثالي دوستاڻا لاڳاپا رکن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ترڪيءَ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير احسان مصطفيٰ يرادڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ان موقع?? تي صدر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا ڀا??راڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ رهن ٿا. ٻئي قومون گڏيل ساماجي، ثقافتي ۽ مذهبي قدرن تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا رکندڙ آهن. اميد آهي ته گڏيل طور تي فائديمند گهڻ رخا لاڳاپا مستقبل ۾ به مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا. ترڪيءَ ۽ پاڪستان ٻين مسلمان ملڪن سان گڏ او آءِ سي ۽ گڏيل قومن سمي?? مختلف فورمن تي اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪيو. صدر چيو ته گڏيل ڪوششن جي ڪري گڏيل قومون 15 مارچ اسلامو فوبيا سان مقابلي جي عالمي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو. اسلامو فوبيا سڄي دنيا ۾ ۽ خاص طور تي ڀا??ت ۾ وڌي رهيو آهي. ڀا??ت ۾ سمورن مذهبي اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي بنا ڪنهن خوف جي ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڀا??ت ?? مسلمانن جي گهرن ۽ عبادتگاهن کي مسمار ڪيو ويو. هن چيو ته ڀا??ت ?? مسلمانن جي مذهبي علامتن ۽ شخصيتن جي توهين ڪئي وئي. صدر ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي ترڪيءَ پاران پاڪستان جي مستقل حمايت جا ٿورا مڃيا. ٻئي ملڪ قبرص، غيرقانوني ڀا??تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گڏيل قومن جي نئين سر جوڙجڪ جي معامل?? تي هڪ جهڙا خيال رکندڙ آهن. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي اسلام آباد ۾ پنهنجي ملازمت جو مدو مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر پاڪ ترڪ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ سفير جي ذاتي ڪردار کي پڻ ساراهيو.