اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافين کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي هيَت تبديل ٿي چڪي آهي، ان ۾ موبائيل جرنلز اهميت اختيار ڪري وئي آهي، موبائيل جرنلزم خبر جي نشر ۽ اشاعت کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ موبائيل جرنلزم جي ٻن ڏينهن واري ??رب??تي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اطلاعات و??ري وزارت جي اد??رن پي ٽي وي، اي پي پي ۽ ريديو پاڪستان جي رپورٽرز کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته 2018ع ۾ اسان انفارميشن سروس اڪيڊمي جو پورو نصاب جوڙي ڇڏيو هو. انفارميشن سروس اڪيڊمي کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته اطلاعات و??ري وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز جي آفيسرن جي ورچوئل ٽريننگ ٿيڻ گهرجي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته موبائيل جرنلزم جي ??رب??تي ورڪشاپ ۾ عورتن جو وڏو انگ ڏسي خوشي ٿي، عورتون ڪ??هن به طرح مرد صحافين کان پٺتي نه آهن. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران عورت صحافين اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، عورتن جي هر شعبي ۾ حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. واضح رهي ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ موبائيل جرنلزم تي ٻن ڏينهن وارو ??رب??تي ورڪشاپ 27 ۽ 28 مئي 2022ع تي انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ منعقد ٿيو. پڄاڻي واري تقريب ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد، پريس ڪلب جي عهديد??رن ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??رب??تي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.