اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ش??با?? شريف خيبرپختونخوا پوليس جي سب انسپيڪٽر ??حر گل جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي گهر??ار?? ?? ٻارن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ٻارن کي اسڪول کان وٺڻ لاءِ ويندڙ والد جي شهادت تي افسوس آهي، وزيراعظم خيبرپختونخوا ۾ پوليس اهلڪارن تي وڌندڙ حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڌيان ڏي، وزيراعظم ??دايت ڪئي ته شهيد پوليس سب انسپيڪٽر کي شهداءَ پيڪيج ڏنو وڃي، ٻارن جي تعليم ۽ گهر??ار?? جي ڪفالت يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم ش??با?? شريف، انجنيئر امير مقام کي شهيد پوليس اهلڪار لاءِ مالي مدد کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي، وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي درجن جي بلندي ۽ گهر??ار?? جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.